ٽاڪلو ٽڪلو

ٽاڪلو/ ٽڪلو: هڪ قسم جو ننڍڙو پکي، جيڪو جهرڪيءَ جي قد ۽ سائي رنگ جو ٿئي ٿو. جنهن جو پُڇ سُئيءَ مثل ٿيندو آهي. طبي لحاظ کان نهايت فائدي وارو آهي. ان جو گوشت ڪن بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آهي؛ چوندا آهن ته معدي ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿو. ان جي وِٺ، بابوني جي تيل ۾ ملائي، چِٽيءَ ۽ ڪوڙهه جي داغن تي لائجي ته فائدو ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو